سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڪراچي پريس ڪلب عمارت : قومي ورثي جو نئون ڏيک


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/25/2018


لاهوتي کي جڏهن اها خوشي جهڙي خبر پئي ته ڪراچي پريس ڪلب واري عمارت جي رنگ روپ بعد هاڻي ڊاڪٽر اديب رضوي ان جو افتتاح ڪندو لاهوتي اهو حوال پنهنجي پڙهندڙن سان ونڊ ڪرڻ ضروري سمجهيو.
ڪراچي پريس ڪلب  جيئن ته سنڌ جي قديمي عمارتن منجهان هڪ آهي يعني ان عمارت جي تعمير جي تاريخ 1890 لکيل آهي جتي بعد ۾ 1958 ڌاري ڪراچي پريس ڪلب تعمير ٿيو ان عمارت کي قومي ورثو قرار ڏنو ويو هو.
قومي ورثو قرار ڏنل ڪراچي پريس ڪلب واري عمارت جي مرمت ۽ رنگ روغن وارو ڪم گذريل پنجن سالن کان جاري هو.جيڪو هاڻي ختم ٿيو آهي.عمارت جي نئين رنگ روپ ۽ مرمت بعد ان عمارت کي ڪلب عهديدارن حوالي ڪرڻ واري هڪ رسمي تقريب ٿيندي جنهن جو خاص مهمان ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب هوندو.
ڪراچي پريس ڪلب مظلومن جو آواز ته رهي آهي پر آمريت جي دور ۾ پڻ اظهار جي آزادي جو وڏو مورچو رهي آهي.ڪجهه تاريخدان چون ٿا ته اسي واري ڏهاڪي جي آمريت خلاف جڏهن ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي ته ان جو بنياد ڪراچي پريس ڪلب جي ٻئين فلور تي رکيو ويو هو.
لاهوتي جي دعا آهي ته مولا هاڻي به ڪراچي پريس ڪلب سميت سمورين پريس ڪلبن جي عهديدارن کي ايتري توفيق عطا فرمائي جو هن سينسرشپ واري دور ۾ اهي ثابت قدم بيهي مظلومن جو آواز بڻجندا رهن.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter