12/24/2018
بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته هن جي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ٿي.جنهن معاملا حل ڪرڻ لئه ڇهه رڪني ڪميٽي تشڪيل ڏني آهي جنهن ۾ ٽي بي اين پي جا ۽ ٽي پي ٽي آئي جا ميمبر شامل هوندا.اها ڪميٽي بي اين پي بنيادي ڇهن نقطن تي عملدرآمد جي رفتار ڏسندي رهندي.
سردار اختر مينگل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان مسنگ پرسن جي حوالي سان کيس ٻڌايو ته فوجي سربراهه سان ملڻ ضروري آهي ۽ مون کيس جواب ڏنو ته مان تيار آهيان جڏهن به ان ملاقات جي ضروت هجي. اهي جڏهن چاهين مان انهن سان ملي سگهان ٿو ڇو ته مسنگ پرسن وارو معاملو حل ڪرڻ ئي بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ جو واحد رستو آهي.